بيدل بيڪس ۽ سڪايل

بيدل بيڪس ۽ سڪايل

بيدل بيڪس ۽ سڪايل

بيدل بيڪس ۽ سڪايل (ڪتاب ):هي ڪتاب نوجوان محقق اختر درگاهيءَ جو ترتيب ڏنل آهي، جنهن ۾ قادر بخش بيدل، محمد محسن بيڪس ۽ سندن سٿ جي شاعر نواب شاهه سڪايل جي فڪر ۽ شاعريءَ تي روشني وڌل آهي. هن تحقيقي ڪتاب ۾ اختر درگاهيءَ جا مقالا ۽ ليڪچر شامل آهن، جن جا عنوان آهن:
”وحدت الوجود ۾ بيدل فقير، ديوان بيدل جو اڀياس، بيڪس جي شخصيت ۽ شاعري“، ديوان بيڪس جو اڀياس، فقير بيڪس جو اڻ ڇپيل ڪلام، سيد نواب شاهه سڪايل جي خاندان جو شجرو ۽ سيد نواب شاهه سڪايل جو ڪلام، هن ڪتاب تي ”پنهنجي پاران“ ٻه اکر اياز گل لکيا آهن. هي ڊيمي سائيز جي 94 صفحن جو ڪتاب، بيدل يادگار ڪاميٽيءَ پاران 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 30 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو